سفاري پارڪ

سفاري پارڪ

سفاري پارڪ

سفاري پارڪ: ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال واري علائقي ۾ سفاري پارڪ قائم آهي. هن جڳهه تي 1980ع کان اڳي سنڌين ۽ بلوچن جا ٽي ڳوٺ آباد هئا، جن کي ملير ضلعي ۾ شامل ’ديهه ڳجھڙو‘ چيو ويندو هو. 1985ع ۾ هتي سفاري پارڪ ٺاهيو ويو.
هن پارڪ جي خصوصيت اها آهي ته هڪڙي ڊگھي ايراضيءَ کي مصنوعي جھنگ جي صورت ڏئي، ان ۾هرڻ، هاٿي، ڪينگرو، زيبرا، لاما، ڦاڙها ۽ ٻيا جانور آزاد ڇڏيا ويا آهن، جيڪي جھنگلي ماحول وانگر رهندا آهن.
هن پارڪ جي وچ ۾ هڪڙي هٿرادو ڍنڍ ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ بدڪون، هنج، ٻگھه، ڪنگ فشز ۽ ٻيا پکي پيا گھمندا ۽ ترندا آهن، جڏهن ته ڍنڍ ۾ وڏيون توڙي ننڍيون مڇيون، ڪميون ۽ بلائون به موجود آهن. هي ڪراچيءَ جي اهم تفريحي هنڌن مان هڪ آهي.
سفاري پارڪ ۾ انتظاميه پاران بسون هلن ٿيون، جيڪي گھمندڙن کي سڄي پارڪ جو چڪر لڳرائين ٿيون. هتي ٻارن لاءِ پينگھا، چيئر لفٽون ۽ تفريح جو سٺو بندوبست آهي.


لفظ سفاري پارڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو